پرم ابيچنداڻي

پرم ابيچنداڻي: پرم ابيچنداڻي سنڌي ادب جو وڏي مرتبي وارو ليکڪ، نقاد، ڪهاڻيڪار، ناول نگار ۽ مترجم ٿي گذريو آهي. سندس جنم 14 جولاءِ 1916ع ۾ خيرپور سنڌ ۾ ٿيو. هن شروعاتي تعليم ڀريا ۽ گهوٽڪيءَ ۾ حاصل ڪئي. ان کان پوءِ سکر ۽ ڪراچيءَ ۾ تعليم ورتائين. ممبئي ڪاليج مان منطق (Logic) ۾ بي. اي (آنرس) ڪرڻ کان پوءِ آرٽ ۽ ايڊورٽائيزمينٽ ۾ ڌار ڌار ڊپلوما ڪيائين.46- 1945ع ڌاري سنڌ ۾ رهائش دوران، 20 سالن جي عمر ۾ ’هندو سنساراخبار جو ايڊيٽر ٿيو. 47-1946ع ۾ روزاني انگريزي اخبار ”آبزرور“ڪراچيءَ جو اسٽاف رپورٽر رهيو. ورهاڱي کان پوءِ دهليءَ ۾ وڃي رهيو. دهلي ريڊيو ۽ دور درشن (ٽي. وي) لاءِ ”گيتن ڀريا فيچر ۽ ڪهاڻيون“ لکي نالو ڪڍيائين.
پرم ابيچنداڻي، گهڻ- رخو اديب (Versatile Writer) ۽ صحافي هو. 1964ع کان 1977ع تائين ماهوار ”رابيل“ ۽ 77-1976ع دوران ماهوار ”ملاح“ رسالن جو ايڊيٽر ٿي رهيو.ٻئي رسالا ان وقت سنڌي ادب جا معياري ۽ مثالي رسالا ٿي نڪتا. سنڌي اڪيڊمي دهليءَ جي رسالي ”سنڌو جوت“ جو به ڪجهه سال ايڊيٽر رهيو. رٽائر ڪرڻ کان پوءِ هن سينٽرل ساهتيه اڪيڊمي دهليءَ پاران تيار ٿيندڙ ”انسائيڪلو پيڊيا آف انڊين لٽريچر“ (6 جلد) ۽ ”انسائيڪلوپيڊيا 2001ع“ جي ”Language Editor“ (ٻولي- ايڊيٽر) طور ڪم ڪيو. ”انسائيڪلوپيڊيا آف انڊين لٽريچر“ جو 1986ع کان 1994ع تائِين پهرين اسسٽنٽ ايڊيٽر ۽ بعد ۾ ايڊيٽر مقرر ٿيو.
پرم ابيچنداڻيءَ 1983ع ۾ انگريزي مئگزين ”The Sindhu“ به ڪڍي، ٻماهي انگريزي مئگزين ”Indian Literature“ جي آڪٽوبر 1998ع واري پرچي لاءِ هن ”ورهاڱي کان پوءِ سنڌي ادب“ عنوان هيٺ هڪ مقالو تيار ڪيو، جنهن ۾ سنڌي شاعريءَ، ڪهاڻيءَ، ناول، آتم ڪٿا بابت اختصار سان ذڪر موجود آهي. انهيءَ ئي رسالي ۾ ’سب ايڊيٽر‘ طور ڪيترا سال ڪم ڪيائين پرم ابيچنداڻيءَ جا 300 جي لڳ ڀڳ سنڌيءَ ۽ انگريزيءَ ۾، فلسفي، ادب، آرٽ، موسيقيءَ ۽ ڪتابي تجزين بابت مقالا ۽ ليک، سنڌي ۽ انگريزيءَ جي معياري رسالن ۾ ڇپيل آهن. هن ڪيتريون ئي سنڌي ڪهاڻيون انگريزيءَ ۾ ۽ انگريزيءَ مان ڪهاڻيون سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيون.
پرم هڪ ڪهاڻيڪار طور گهڻي شهرت ماڻي، پر ناول ۽ تنقيد نگاريءَ ۾ به پاڻ ملهايو. ڏهن سالن تائين آرٽسٽ طور ڪم ڪيائين. ان کانسواءِ ڪيترن ائڊورٽائيزنگ ايجنسين لاءِ به ڪم ڪيائين.هن انڊين انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَکي، آديپور جي ملير ڳوٺڙي (اديبن جي ڪالوني) ۾ رهي، ڇهن مهينن اندر ”سنڌي انسائيڪلوپيڊيا“ تيار
ڪري ڏني. پرم ابيچنداڻي،هڪ ڳنڀير ۽ ڏيک ويک کان ڀڄندڙ مانائتو اديب ۽ نقاد رهيو آهي. سندس ادبي پورهئي ۾ هيٺيان ڪتاب شامل آهن:
(1) جهرڻا (طويل ناول: 1962ع)، (2) هڪ ڄر، ٻه ڄڀيون (ناول: 1964ع)، (3) ست سار (مضمون: 1978ع)، (4) ائين ئي (ناول: 1988ع)، (5) ڀَو- اڀوَ (ڪهاڻيون: 1991ع)، (6) تڪ تور (تنقيـد: 1994ع)، (7) ڪايا پلٽ (ڪهاڻيون: 1994)، (8) پيٽ تي گرڀ (ڪهاڻيون: 1998ع)، (9)'Narayan Shyam' (نارائڻ شيام بابت انگريزيءَ ۾ اڀياس: 2001ع)، (10) نظر ۽ نظريو (تنقيد: 2005ع).پرم ابيچنداڻيءَ جي تنقيدي ڪتاب ”تڪ تور“ کي سينٽرل ساهتيه اڪيڊمي دهلـيءَ (2000ع ۾) ملينيم اوارڊ ڏنو. سندس ڪتاب ”Narayan Shyam“پڻ سـاهتيه اڪيڊميءَ پاران ڇپايو ويو آهي. هن بيباڪ نقـاد ۽ اديـب، ڪئنسر جي موذي مرض سبب راجيو گانڌي اسپتال دهليءَ ۾ 9 آگسٽ 2005ع تي لاڏاڻو ڪيو.


لفظ پرم ابيچنداڻيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1916.07.14  عيسوي

پرم ابيچنداڻي جو جنم 14 جولاءِ 1916ع ۾ خيرپور سنڌ ۾ ٿيو.


2005.08.09  عيسوي

پرم ابيچنداڻي ڪئنسر جي موذي مرض سبب راجيو گانڌي اسپتال دهليءَ ۾ 9 آگسٽ 2005ع تي لاڏاڻو ڪيو.



اديب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ريٽا شهاڻي
راج ڏاسواڻي
پٺاڻ نثار احمد
ابراهيم لاشاري پروفيسر
ارباب علي عادل چوهاڻ
پلي معمور يوسفاڻي
شاهنواز سوڍر ڊاڪٽر
قادر بخش مخلص چانڊيو
پرويش شاهين
سيد نور رضوي
اديب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون